اسلام آباد سميت مختلف علائقن ۾ ڳڙي سان مينهن وسڻ ۽ برفباري جو سلسلو جاري، 2 فوت، اڏامو معطل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳــَڙيَ سان مينهن وسڻ ۽ برفباريءَ جو سلسلو جاري آهي،جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا جي ٿڌين هوائن ڪراچي ۾ به ديرا ڄمائي ورتا آهن. پنجاب جي مٿانهن علائقن، خيبر پختونخواهه، فاٽا ۽ اتر اولهه بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ٻيهر موٽي آئي آهي. اسلام آباد،راولپنڊي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان وقفي وقفي سان ڳڙي سان مينهن وسڻ جو سلسلو جاري آهي.موسم جي خرابي سبب اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو،جيڪو ڪجهه وقت کانپوءِ بحال ڪيو ويو. خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي. سوات جي جابلو علائقن ۾ لاڳيتو ٽن ڏينهن کان برسات ۽ برفباري وقفي وقفي سان ٿي رهي آهي. شانگلا ۾ برسات ۽ برفباري سبب لينڊ سلائينڊنگ کانپوءِ شاهراهه قراقرم مختلف هنڌن تان بند آهي. خيبر ايجنسي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ گذريل رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي،جنهن سبب ندين ۽ نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، جڏهن ته روڊن تي پاڻي گڏ ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي. چارسده ۾ زوردار برسات سبب ڪابل درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي، ان کانسواءِ برساتن سبب پشاور جي بڍني نالي ۾ پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي. فلڊ سيل اختيارين علائقي جي آبادي کي پاڻي جي امڪاني ريلي کان محفوظ ڪرڻ لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. مهمند ايجنسي جي عليم زئي واري علائقي ۾ مينهن پوڻ سبب گهر جــِي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. آزاد ڪشمير جي مٿانهن علائقن ۾ برفباري سبب ريشيان کان ليپه لاءِ شاهراهه تي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ٿي وئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ميداني علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري جاري آهي. استور شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چئن ڏينهن کان جاري برسات ۽ برفباري سبب مٿانهن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ برسات ۽ برفباري بعد ٿڌ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽي آئي آهي، ان کانسواءِ زيارت، قلات، پشين، مستونگ سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سخت ٿڌ آهي. ڪوئيٽا جي ٿڌين هوائن ڪراچي ۾ به ديرو ڄمائي ورتو آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم جزوي طور جهــُڙالي رهندي ان سان گڏ تيز ٿڌيون هوائن به گهـُلنديون جنهن سبب گرمي پد 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، لاهور، گوجرانوالا سميت پنجاب جي ميداني علائقن ۾ وڌيڪ برسات جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي مٿانهن علائقن ۾ برسات سان گڏ ڳڙو ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته برسات ۽ برفباري سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ جــِي لهر ايندڙ چئن ڏينهن تائين برقرار رکي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *