اسلام آباد: ايوان صدر ۾ يتيم ٻرڙن لاءِ افطار ڊنر جو اھتمام، صدر ۽ سندس گھر وري جي ٻارڙن سان ملاقات

اسلام آباد(م.ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن لاءِ افطار ڊنر ڏني. آغوش ڪاليج مري ۽ پاڪستان بيت المال جي جي انتظام هيٺ يتيم ٻارن جي حوصلا افزائي لاءِ افطار ڊنر جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ دارالاحساس، قلمي اپيل، خپل ڪور فائونڊيشن سوات، گلدار درمان جا يتيم به موجود هئا. ان موقعي تي بيگم ثمينه علوي ۽ صدر ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن پيار ڪيو، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي به ٻارن سان گڏ مغرب جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي صدر عارف علوي چيو ته منهنجي زندگي جي بهترين ڏينهن مان هڪ آهي جو انهن پيارن ننڍڙن ٻارن جي ميزباني ڪئي، انهن سان ڳالهائڻ، وقت گذارڻ اعزاز آهي. هن چيو ته ٻارن کان سندن خوابن بابت پڇڻ، کين سٺي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ، ساڻن تصويرون ڪڍرائڻ يقيناً هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هو رڳو سورت الاضحيٰ جي پيروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهان ٿو…..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *