اسلام آباد، ڌرڻا مصنوعي ماحول آهي، عوام کي يرغمال بڻايو ويو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ Sharjeel Memonچيو آهي ته اسلام آباد ڌرڻا مصنوعي ماحول آهي جن عوام کي يرغمال بڻايو جنهن جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان ٿي رهيو آهي. پاڪستاني عوام ڪجهه هزار ماڻهن سان گڏ نه آهي عوام پاران موجوده حڪومت کي ڏنل اعتماد جي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو سومر کان سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ماهوار صفائي ۽ اينٽي انڪروچمينت ڏينهن ملهايو ويندو هي ڳالهه هن گذريل ڏينهن ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ۽ سي پي ايل سي پاران ڊسٽرڪٽ رپورٽنگ سيل جي تقريب جي موقعي تي ڪئي ان موقعي تي ڪاٽي جو سرپرست اعليٰ ايس ايم منير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس غلام قادر ٿيٻو، سينيٽر عبدالحسيب خان ميان زاهد حسين فرق احمد چنائي ۽ ڪاٽي جي لا اينڊ آرڊر ڪميٽي جي چيئرمين نديم خان خيالن جو اظهار ڪيو. شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال آئيڊيل نه آهي دهشتگرد ملڪ لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن جن جي خلاف پاڪ فوج آپريشن ڪري رهي آهي هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز پاران ٿيندڙ ٽارگيٽ آپريشن ۾ گرفتار ٿيندڙ 0وهاري ماڻهن جي خلاف پنج اي پي سي عدالتون قائم ڪيون ويون آهن هن چيو ته تاجر برادري وفاق پاران گئس ۽ پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي خلاف آواز اٿاري ته جيئن سنڌ جي عوام کي سندن حق ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *