اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ٿيو، نفرت ڏياريندڙ بيانئي کي لغام ڏيڻ گهرجي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف گڏيل ٺهراءُ پاس ٿيو نفرت ڏياريندڙ بيانئي کي لغام ڏيڻ گهرجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته مان پوري قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقرير ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي مان هن معاملي کي نيامي ۾ ٿيندڙ او آئي سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 47هين اجلاس ۾ اٿاريو هن چيو ته نيامي ۾ ٿيل اجلاس ۾ رستو گهڙيو ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي گڏ ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف گڏيل ٺهراءُ پاس ٿيو مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ان کان پوءِ گڏيل قومن ۾ ڪرارداد پاڪستان پيش ڪئي اسان چيو ته نبي آخرزمان حضرت محمد صلعم جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي هن چيو ته نفرت ڏياريندڙ بيانئي کي لغام ڏيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *