اسفند يار ولي جي ڀل آهي، سونامي ختم ناهي ٿي، مڪاني چونڊن ۾ سڀني کي شڪست ڏينداسين: عمران خان

مردان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ متعارف ڪرايل مڪاني نظام يورپ جهڙو آهي، هن نظام سان صوبي جو هر ڳوٺ خودمختيار ٿي ويندو، نوازشريف ۽ آصف زرداري تحريڪ انصاف جي خوف سبب گڏ ٿي ويا آهن، اسفنديار جي اها ڀل آهي ته سونامي ختم ٿي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان ياد رکي ته کيس شڪست آئون ئي ڏيندس. مردان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سيڪيولر ۽ مولانا سدائين هڪٻئي جا مخالف رهيا  آهن پر هاڻي تحريڪ انصاف جي خوف سبب گڏ ٿي ويا آهن. عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ متعارف ڪرايل مڪاني نظام يورپ جي نظام جهڙو آهي، جنهن سان ڳوٺ به خودمختيار ٿي ويندا. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سونامي جي خوف سبب گڏجي ويا آهن پر هاڻي کين ڪپتان عوام جي سگهه سان شڪست ڏيندو. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سونامي جي ختم ٿيڻ بابت اسفنديار ولي ڀليل آهي، کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سونامي اڃا ختم نه ٿيو آهي. هن چيو ته مڪاني نظام سان ضلعن کي فنڊ ملندا ۽ ضلعن جا فيصلا پشاور ۾ نه پر اتي ئي ٿيندا، جنهن سان تبديليءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مولانافضل الرحمان ياد رکي ته کيس شڪست اسان ئي ڏيندس. عمران خان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس عوام جي حفاظت ڪندي آهي پر پنجاب جي گلو پوليس عوام کي قتل ڪندي آهي، اهو ئي فرق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *