اسفند يار ولي جي نواز شريف سان ملاقات، وزيراعظم چين پاڪستان راهداري رٿا تي کيس مطمئين ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چين پاڪستان راهداري رٿا جي حوالي سان عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي کي مطمئين ڪيو آهي ۽ هن رٿا جي اولهندي روٽ کي هاءِ بدران موٽر وي ۾ تبديل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، اسفند يار ولي چيو آهي ته فاٽا ۾ روڊ ٺهڻ سان اتان جي معدنيات مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، خميس تي افغانستان جي دوري تي وڃي رهيا آهيون، گڏجي ويهڻ سان اعتماد پيدا ٿيندو، قومي ايڪشن تي مڪمل عمل نه پيو ٿئي جيئن ٿيڻ گهرجي ها، وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسفند يار ولي چيو ته وزيراعظم سان ملاقات جنهن ۾ ان سان گڏ لنچ به ڪئي، ملاقات ۾ چين پاڪستان راهداري بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿئي، وزيراعظم اولهندي روٽ جي هاءِ وي کي موٽر وي ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، انڊسٽري زون بابت وزيراعظم پيرس دوري کانپوءِ آگاهه ڪندو، هن چيو ته چين کي سنڪيانگ ۾ جيڪي مسئلا آهن اهي مسئلا اسان کي فاٽا ۾ آهن، چين کي جيڪي مسئلا تبت ۾ هئا اهي اسان کي بلوچستان ۾ آهن، هن چيو ته هڪ روڊ سڄي فاٽا مان لنگهي وڃي ته اتي موجود ملڪ جي 80 سيڪڙو معدنيات مان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ناڻي وزير کي فنڊ پيدا ڪرڻ جو طريڪو اچي ٿو، ڪميٽي جي سفارشن کانپوءِ سمورين پارٽين کي گهرائي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *