اسحاق ڊار ۽ آءِ ايف اي ڊي جي صدر وچ ۾ ملاقات

واشنگٽن (م.د) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آچر ڏينهن انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ (آءِ ايف اي ڊي) جي صدر ڪي نائيو نوانز سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت زرعي شعبي جي ترقي ۾ آءِ ايف اي ڊي جي معاونت کي قابل تحسين سمجهي ٿي، ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ زراعت جو وڏو حصو شامل آهي، ڪي نائيو ان موقعي تي چيو ته ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ ۾ آءِ ايف اي ڊي مان لاڀ وٺندڙ ملڪن ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي وڏو ملڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان آءِ ايف اي ڊي جي ڪوششن ۾ به ڀائيوار آهي، هن چيو ته ٻين مالياتي ادارن جي ڀيٽ ۾ آءِ ايف اي ڊي هيٺين سطح تي ملڪيتي حقن تي ڪم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايف اي ڊي جي ڪم ۾ بهتري آئي آهي، پنهنجي مختلف پروگرامن جنهن تحت ڳوٺاڻن علائقن ۾ نوجوانن کي روزگار جي فراهمي شامل آهي، جي وڏي اهميت آهي، ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ناڻي جي فراهمي کي ڳوٺاڻن علائقن ۾ سيڙپڪاري کي خاص اهميت ڏئي رهي آهي، هن ان فنڊ ۾ وڌيڪ اضافي جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن يقين ڏياريو ته ڏيهه واپسي تي هو آءِ ايف اي ڊي جي معاملن جي حوالي سان صوبن سان ڳالهائيندو، ڪي نائيو چيو ته آءِ ايف اي ڊي خاص مهم شروع ڪئي آهي ۽ 2015ع تائين پاڪستان لاءِ وڌيڪ وسيلا موجود هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *