اسحاق ڊار ٻئين ٽه ماهي لاءِ صوبن کي 2،214،5 ملين رپين جي مراعاتي گرانٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(اي پي پي)  ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار هلندڙ سال آڪٽوبر کان ڊسمبر جي ٻئين ٽه ماهي لاءِ صوبن وچ ۾ فوري ورڇ لاءِ 2،214.5 ملين رپين جي مراعاتي گرانٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آچر تي هتي جاري بيان مطابق صوبن کي جنهن ٽه ماهي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي ان مان پنجاب صوبي کي 576.6 ملين رپيا، سنڌ کي 440.7 ملين رپيا ۽ خيبرپختونخوا کي 411.3 ملين رپيا ملندا. واضح رهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل 31 جولاءِ تي اهو فيصلو  ڪيو هو ته صوبن کي ان ڳالهه جياجازت ڏني ويندي ته اهي پنهنجي سرپلس تي ريٽ آف ريٽرن تازي ٽي بل ريٽ تي واپس ڪندا جن جي واپسي گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا هوندي. فيصلي مطابق صوبن کي اها مراعاتي گرانٽ ٽه ماهي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *