اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ 21 بينڪ ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسحاق ڊار خلاف آمدني وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪئي وئي، فريادي جي شاهد محمد عظيم تي صفائي واري وڪيل جي جرح جاري رهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار بابت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شاهد اسحاق ڊار جي بينڪ ٽرانزيڪشن جو ريڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ٽنهي نامزد جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدار سعيد احمد پيشي بعد وڪيل سان گڏ واپس روانو ٿي ويو. سعيد احمد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس طعيت ناساز آهي، ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي، اسان کي اجازت ڏني وڃي، جنهن بعد عدالت انهن جي استدعا منظور ڪري ورتي. شاهد محمد عظيم 21 بينڪن جي ٽرانزيڪشن جو ريڪارڊ دعالت ۾ جمع ڪرايو، جن مان 8 اليڪٽرانڪ ٽرانزيڪشن شامل آهن. ٻڌڻي دوران مددگار وڪيل معظم حبيب جو موبائل وڄڻ لڳو جنهن تي عدالت معظم حبيب مٿان ٻن هزارن رپين جو ڏنڊ هنيو. اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ضمني ريفرنس ۾ نامزد نيشنل بينگ جي صدر سعيد احمد جي بريت واري درخواست 13 تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *