اسحاق ڊار جو خورشيد شاهه سان هڪ ڀيرو ٻيهر فون تي رابطو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي ويچار

اسلام آباد(بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن ليڊر خورشيد شاه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ٻنهي اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت صلاح مشورا ڪيا چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ هڪ هفتو دير جو امڪان آهي، ذريعن مطابق سپريم ڪورٽ طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين سڀاڻي ختم ٿيندي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ سياسي پارٽين وچ ۾ اتفاق راءِ نه ٿي سگهي آهي، خزاني واري وزير اسحاقڊار لنڊن ۾ ٻيهر اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري تي مشاورت ڪئي وئي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ وڌيڪ هڪ هفتي جو وقت لڳي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *