اسحاق ڊار جو بجيٽ اسڪيم 15-2014 تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ اسڪيم 15-2014 تي عملدرآمد تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ننڍن آبادگارن لاءِ جلد قرض اسڪيم جاري ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل ڪيون وڃن جمعي تي ناڻي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بجيٽ اسڪيم 15-204 تي عملدرآمد لاءِ جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ ڪل 33 اهڙيون اسڪيمون هيون جن مان گهڙِن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو ٻين تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي انهن اهم منصوبن مان ٽيڪس سڌارا ڪميشن جنهن پنهنجي رپورٽ فائينل ڪري ڇڏي آهي برآمدات تي مارڪ اپ جي شرح ۾ گهٽتائي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ٽيليسينٽر جو قيام ڪراپ لون انشورنس اسڪيم جي ادائيگي پريميم ايگزيم بئنڪ جو قيام ايل اين جي جي درآمد هائوس بلڊنگ فنانس ڪميٽي لميٽيڊ ۽ ٻيون شامل آهن ناڻي وزير بجيٽ اسڪيمون 15-2014 تي عملدرآمد ڪندي اطمينان جواظهار چيو ته ننڍن آبادگارن لاءِ جيترو جلد ئي ممڪن هجي ڪريڊٽس اسڪيم شروع ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون وڃن هن ٽيڪس ريفارمس ڪميشن جي سفارش تي نطرثاني جي به هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *