
اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار پاڪ فوج لاءِ نئين سربراهه ۽ چيئرمين چيفس آف جوائنٽ اسٽاف کي ٽيليفون ڪري انهن کي مقرري تي مبارڪ ڏني، آچرتي سينيٽر محمد اسحاق ڊار جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽيليفون ڪيو ۽ ان کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني، آرمي چيف کانپوءِ ناڻي واري وزير جنرل زبير محمود حيات کي فون ڪري ان کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.