اسلام آباد(اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ اثاثا ٺاهڻ وارن الزامن کي رد ڪندي انهن کي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته کيس اخبارن ۾ نيب اختيارن جي حوالي سان سندس باري ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ وارن الزامن تي ٻڌل خبرن پڙهي تمام گهڻي حيرت ٿي آهي. هن چيو ته هو مستقل طور تي پنهنجي آمدني ۽ اثاثن بابت سالياني گوشوارن ۾ تفصيل جاري ڪندو رهندو آهي. 20