استعيفائن جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري پارٽي کي سياسي منظرنامي تان آئوٽ ڪرڻ لاءِ متحرڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي معاملي پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا. ذريعن موجب ميمبرن جو وڏو انگ اسيمبلي مان مستعفي ٿيڻ جي حق ۾ ناهي پر شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري پارٽي کي سياسي منظرنامي تان آئوٽ ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. ميمبرن جي راءِ آهي ته مستعفي ٿي وياسين ته نئين حڪومت کي اهم مقررين ۽ قانونسازي تي کلي کيڏڻ جو موقعو ملندو. ميمبرن جو موقف آهي ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي طور ازالي نه ٿيڻ جوڳو نقصان رسندو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پارلياماني پارٽي جو اڄ گھرايل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *