استادن جي ترقي ڪارڪردگي جي بنياد تي ٿيندي، 6 هزار نوان استاد اين ٽي ايس ذريعي ڀرتي ڪبا: نثار کهڙو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر ۽ تعليم واري وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته تعليم کاتي ۾ استادن کي اڳئين گريڊ ۾ ترقي سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان سان معياري تعليم ۾ بهتري ايندي. بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪرڻ وارن استادن کي ترقي نه ڏني ويندي، ان سان غير حاضر استادن مان به نجات ملندي، تعليم کاتي جي 5 کان 6 هزار خالي پيل جاين تي ڀرتي لاءِ جلد اين ٽي ايس جي ذريعي ٽيسٽ منعقد ڪرائي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جواب جي وٿي دوران ميمبرن جي تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. سينيئر وزير چيو ته گذريل 5 سالن جي دوران سرڪاري شعبي ۾ 10 يونيورسٽيون ۽ انسٽيٽيوٽس جڏهن ته نجي شعبي ۾ 7 يونيورسٽيون ۽ ڊگري ڏيڻ وارا انسٽيٽيوٽس قائم ڪيا ويا آهن. سرڪاري شعبي ۾ قائم ڪيل يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرز سائنسز ڀٽ شاهه اڃا تائين فعال نه ٿي سگهي آهي، ڪوشش آهي ته اها جلد فعال ٿي وڃي. هن چيو ته صوفي ازم هڪ فلسفو آهي ۽ سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، ان جي ڪري ضرورت محسوس ڪئي وئي ته صوفي از جي تعليم کي هٿي ڏني وڃي. هن چيو ته مٺي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جو ڪيمپس اڃا قائم ناهي ٿي، ان جي لاءِ اسان ڪراچي يونيورسٽي جي انتطاميا سان ڳالهائينداسين ته جيئن اها ڪيمپس به جلد قائم ٿي سگهي. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 269 ڪاليج آهن، اهو تعداد تمام گهٽ آهي انهن جو تعداد وڌڻ گهرجي. سنڌ پهريون ڀيرو 5 سالن جو ايجوڪيشن پلان جوڙيو آهي، ان م پرائمري کان اعليٰ تعليم تائين منصوبا بندي جو ويزن ڏنو ويو آهي. صوبي ۾ 152 بوائز ڪاليجز ۽ 107 گرلز ڪاليجز جڏهن ته پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 9 ڪاليج آهن، پوري صوبي ۾ شاگردن جي ڪاليج ۾ انرولمينٽ 2 لک 20 هزار 117 آهي. فنڊ جي گهٽتائي جو مسئلو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته هر تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪاليج هجي. هن چيو ته هن وقت ڪنهن به ڪاليج تي قبضو ناهي. صوبائي وزير چيو ته 2012 ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس اين ٽي ايس جي ذريعي استادن جي ڀرتي لاءِ امتحان ٿيا هئا ۽ اهليت جي بنياد تي 15 هزار 538 استاد ڀرتي ڪيا ويا هئا. اهي ڀرتيون يو سي سطح تي هنيون ۽ اهو شرط لڳايو ويو هو ته ان تي ڀرتي ٿيندڙ استادن کي ان جاءِ تي گهٽ ۾ گهٽ 3 سال ڪم ڪرڻو پوندو، ڪجهه ڪامياب اميدوارن جو معاملو زير التوا آهي انهن کي به جلد آفر ليٽر ڏنا ويندا. ڪجهه جايون خالي رهجي ويون 5 کان 6 هزار خالي آسامين تي جلد ٻيهر ٽيسٽ ٿيندي. هن چيو ته استادن جي ڀرتي لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ ضروري آهي. هن چيو ته هاڻ اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون ته استادن جي ترقي انهن جي ڪاڪردگي سان لاڳاپيل هجي. ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته 2012 ۾ اين ٽي ايس جي ڀرتين ۾ شهري ۽ ٻهراڙي ڪوٽا جو خيال نه رکيو ويو، جيڪا آئين جي خلاف ورزي آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته اهي ڀرتيون ورلڊ بينڪ سان هڪ معاهدي جي تحت ڪيون ويون، يو سي ۾ ضرورت ۽ اهليت جي بنيادت تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن، شهري ۽ ٻهراڙي ٻنهي علائقن ۾ ڀرتيون ٿيون آهن، ان سان آئين جي ڪا به خلاف ورزي ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *