اسان کي پنهنجي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي: آفريدي

جميڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي شاهد آفريديءَ چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي مضبوط ڊوميسٽڪ ڍانچي جي سخت ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پروفيشنل ازم آڻڻو پوندو. ڇو ته جيستائين اسان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٺيڪ نه ٿيندي ته ان ۾ ڪو شق ناهي ته اسان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ به پنهنجو پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *