اسان کانسواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري وزير اعظم جي ٽوئيٽ تي مخالف ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته وزير اعظم ته رڳو نشاندهي ڪئي آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن جا دل ٻاهر ڇو ڌڙڪندا آهن؟ ڪنهن کي پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي. تفصيل موجب وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم جي ٽوئيٽ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته جنهن جي هتي انٽرسٽ آهي اُهو هن ملڪ مان اوڏانهن ئي ڀڄڻ چاهي ٿو، وزير اعظم ته رڳو نشاندهي ڪئي آهي ته ڪيترن ماڻهن جي دل ٻاهر ڇو ڌڙڪي ٿي؟ جن جو واپار ٻاهر آهي اُتي اوڏانهن ئي وڃڻ چاهن ٿا، ڪنهن جي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان جهڙن ماڻهن جن جو پاڪستان کان ٻاهر ٽڪي جو به واپار ناهي اسان جي دلچسپي پاڪستان ۾ آهي، جتي اسان کي سڄي عمر رهڻو آهي جتي اسان جون قبرون ٺهڻيون آهن، اسان ان جاءِ کي سنوارينداسين.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *