اسان ڀوڳيو آهي ڀل ٻيا به ڀوڳين، نيب جهڙو آهي تيئن ئي رهڻ گهرجي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نيب جو قانون غلط آهي، پر نيب جهڙو آهي اهڙو ئي رهڻ گهرجي، اسان ڀوڳي چڪا آهيون، باقي به ڀوڳين. عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته دنيا اسان جي دور م معيشت جي تعريف ڪئي،  19 هزار اسٽاڪ ايڪسچينج کي وڌائي 53 هزار تي آندو، اسان جي چئن سالن جي دور ۾ ڊالر ايترو نه وڌيو جيترو موجوده حڪومت جي ڪجهه مهينن ۾ وڌي ويو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت لاءِ ڪرنسي مضبوط هئڻ گهرجي، 2013ع کان 2017ع تائين اسٽاڪ ايڪسچينج تمام سٺو رهيو، ملڪي معيشت موجوده حڪومت کانسواءِ هر شيءَ کي برداشت ڪري سگهي ٿي. اڳوڻو وزيراعظم چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڊالر وڌي ۽ وزيراعظم کي خبر ئي نه پوي، اسان جي دور ۾ منهنجي فيصلي کانسواءِ ڊالر 10 پئسن کانسواءِ به نه وڌيو، مون کي خبر ناهي ته ڊالر کي هيٺين سطح تي رکڻ لاءِ هٿرادو طريقيڪار ڪهڙو آهي،  جيڪڏهن اسان ڊالر کي هيٺين سطح تي رکڻ لاءِ هٿرادو طريقو استعمال ڪيو ته موجوده حڪومت به ڪري وٺي. هن چيو ته اسان جي حڪومت دهشتگردي تي ضابطو آندو،  ڪراچي شهر کي پرامن بڻايو،  شهباز شريف ڪراچي نه ويو پوءِ فيصل واوڊا کان 500 ووٽن تان هارايو، اسان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو هو،  آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب اسان جي دور ۾ معيشت جي گروٿ 6 ڏهائي 6 رهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ ٽماٽا 20 رپيه ڪلو هو، هاڻي 200 رپين کان وڌيڪ آهي، گئس ۽ ڀاڻ جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي، دنيا ۾ پئٽرول جا اگهه گهٽ ٿين ٿا پر هتي وڌي ويندا آهن. هن چيو ته ملڪي معيشت يوٽرن نه پر سچ ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪرڻ سان مضبوط ٿيندي آهي، نيب کي مان نه پر مشرف ٺاهيو، نيب جو قانون غلط آهي، پڇن ٿا ته فيملي 1999ع ۾ ڇو ٻاهر وئي،  مشرف جلاوطن ڪيو، مرضي سان ٻاهر نه وياسين. هن چيو ته ڪو ته پڇي ته احتساب ڪئين ٿي رهيو آهي، نيب عمران خان جي هيليڪاپٽر جو به احتساب ڪري، نيب عمران خان جي ٻي ڪٽنب جو به احتساب ڪري، اسان جي آمدني جو رڪارڊ 1937ع کان وٺي موجود آهي. سندس چوڻ هو ته سياست ۾ اچڻ کان اڳ وڌيڪ خوشحال هئاسين، سياست ۾ اچڻ بعد پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *