اسان قانون جا نوڪر آهيون،ڪنهن جا ذاتي ملازم نه،ڪير ناراض ٿئي ٿو ته ڀلي ٿئي: ايف آئي اي ڊائيريڪٽر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي جي ڊائريڪٽر شاهد حيات جو چوڻ آهي ته اسان قانون جا نوڪر آهيون،ڪنهن جا ذاتي ملازم ناهيون اسانجي جاچ مان ڪير به ناراض ٿئي ٿو ته ڀلي ٿئي،پرقانون کان هٽي ڪري ڪجهه نه ٿيندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايف آئي سنڌ جي ڊئيريڪٽر شاهد حيات جو چوڻ آهي ته ايف آئي جو ميڊيا ٽرائل ٿي رهيوآهي،گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مون تي ۽ ايف آئي تي گند اڇلايو پيو وڃي.منهنجي خلاف نيب،ايف آئي اي يا گهرو وزارت جي ڪا به ڪارروائي نه پئي ٿئي ۽ نه ئي ڪو منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر عاصم سان ڪو به تعلق ناهي،منهنجو نه ته ڪو ڪاروبار آهي ۽ نه ئي ڪي شگر ملون آهن،گذريل ٽن سالن کان مان ڪو به پرڏيهي دورو ناهي ڪيو.شاهد حيات جو چوڻ هو ته ڪنهن جي دماغ ۾ ڪا ڳالهه آهي ته ڪڍي ڇڏي،اسان قانون جا نوڪر آهيون ڪنهن جا ذاتي ملازم ناهيون،منهنجو ادارو جن ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو آهي انهن کي آخري حد تائين کڻي وينداسين ۽ انهن ڪيسن ۾ وڌيڪ گرفتاريون به ڪري سگهون ٿا.اسانجي جاچ سان ڪير ناراض ٿئي ٿو تٿه ڀلي ٿئي،اسانکي ڪنهن جي به پرواهه ناهي.سندس چوڻ هو ته ڪو به وڏو واپاري غلط ڪم ڪندو ان خلاف به قانونج مطابق ڪارروائي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *