اسان قائد اعظم جي بنيادي اصولن طرف موٽڻو آهي، نيشنل ايڪشن پلان جي اهم جزن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اقليتن جي ڏينهن 11 آگسٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اقليتن جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان قائد اعظم جي 11 آگسٽ 1947 جي تقرير جيڪا هن آئين ساز اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ڪئي هئي جنهن ۾ هن رياست جي پاليسين جنهن ۾ شامل پاڪستان ۾ غير مسلم شهرين بابت رياستي پاليسي بيان ڪئي هئي، اسان ان کي پنهنجي اندر ۾ جزب ڪيون ۽ ان جو حقيقي مطلب سمجهون، پنهنجي ان تاريخي تقرير ۾ قائد اعظم چيو هو ته توهان ڪهڙي به مذهب، رنگ ۽ نسل سان تعلق رکندا هجو رياست جو ان ۾ ڪو به دخل نه آهي ۽ اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻو چاهيون ٿا، اسان کي قائد اعظم جي ان بنيادي اصولن ڏانهن موٽڻو پوندو، هن چيو ته جڏهن کان رياست ۾ ڊڪٽيٽرشپ جي زماني ۾ جهاد جي نجڪاري ڏانهن اکيون بند ڪيون ويون آهن ان وقت کان قوم قائد اعظم جي ويزن کان پري ٿيندي پئي وڃي، اسان کي هر صورت ۾ جهاد جي نجڪاري جي پروجيڪٽ کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ ۾ عسڪريت پسندن، انتهاپسندن ۽ مذهبي جنونيت کي ڪڍڻو پوندو، هن چيو ته ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي اهم جزن تي عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ فرقيواريت ڦهلائڻ وارا ۽ ڪالعدم تنظيمن جي خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو پيو وڃي ۽ اهي تنظيمون نون نالن سان ٻيهر جنم وٺي رهيون آهن، ان موقعي تي هن مطالبو ڪيو ته فرقيواريت، عسڪريت سپندي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ لاءِ قاضي فيض عيسيٰ جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي، اسان کي هر صورت ۾ ملڪ ۾ اندروني طور تي امن کي بحال ڪرڻو پوندو، اڄ جو ڏينهن اسان انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا جن هر مذهب، هم آهنگي ۽ غير مسلم شهرين جي حقن لاءِ قربانيون ڏنيو، اهي ماڻهو قوم جا هيرو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *