لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ بگڙي وڃي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ ٻارڙن جي راند نه آهي، عمران خان سياست ۾ ٻار آهي ۽ اسان ان کي سيکارينداسين، جڏهن ته عوام ووٽ نواز شريف کي ڏنو ۽ فيصلو عمران خان ڪري ائين ٿي نٿو سگهي، ڪراچي ۾ قتل عام ختم ٿي چڪو آهي، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن جون رڙيون نڪريون ويون آهن، اڄ بلوچستان ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي، غوثيا ڪالوني لاهور ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي خطي ۾ نواز شريف کان وڌيڪ باشعور ۽ تجربيڪار سياستدان ڪو به نه آهي پر عمران خان هر فورم تي ڪوڙ ڳالهايو ۽ اهو پاناما معاملي تي به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن ته ثبوت هڪ به پيش نه ڪيو آهي، ڪڏهن ڌرڻا هڻي ٿو، ڪڏهن ڪفن پائي ٿو، سڄي دنيا ۾ نواز شريف جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، هن چيو ته عمران خان اسان کان استعيفيٰ گهري ٿو ۽ جڏهن ڊي آءِ خان جو جيل ٽٽو ته ڪنهن به استعيفيٰ نه ڏني، اسان ڪنهن سازش نه پر ووٽ ذريعي آيا آهيون ۽ ووٽ سان ئي وينداسين، ملڪ ۾ بجلي جا ڪارخانا ۽ ڊيم ٺهي رهيا آهن، لوڊشيڊنگ گهٽ ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ سي پيڪ آندو، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ دلچسپي وي رهيا آهن، اڄ بلوچستان ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي.