اسان سزا ڏني ته سمورا آفيسر نوڪري تان هٿ ڌوئي ويهندا : سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت ٻين پوليس فيسرن جي خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو اڻڄايل مدي تائين محفوظ ڪري ورتو آهي جسٽس سجاعلي شاهه چيو ته 23 مئي تي پوليس سنڌ هاءِڪورٽ کي يرغمال بڻايو هو ٻڌايو وڃي ته نقاب پوش اهلڪار ڪنهن مقرر ڪيا هئا عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انٽري ڪرائي ويندي آهي پر بنا اجازت اسنائپرز مقرر ڪيا ويا جمعي تي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس جنيد غفار تي ٻڌل ٻه رڪني بئنڪ ذوالفقار مرزا ڪيس جي ٻڌڻي دوران صحافين تي تشدد ۽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي ۾ عدالت آءِ جي کي وزيراعظم سان گڏ ڊيوٽي وڃڻ جي اجازت ڏني پوليس جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏنا ته 23 مئي تي ٿيل واقعو انصاف فراهم ڪرڻ جي رستي ۾ رنڊڪ نه آهي پوليس عدالتي معاملن ۾ ڪائي رنڊڪ ناهي وڌي واقعو عدالتي حدن کان ٻاهر ٿيو پوليس جيڪو ڪجهه ڪيو اهو عدالتي اڱڻ کان ٻاهر ڪيو جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اوهان اهو سڀ ڪجهه ڏسي وٺو ها ته ايئن نه چئو ها سڀني ڏٺو پوليس عدالتي حدن ۾ ڇا ڪجهه ناهي ڪيو هي سڄو چونڪ ۽ روڊ عدالتي حدن جو حصو آهي نقاب پوش پوليس اهلڪار ميڊيا تي تشدد ۽ گاڏين جا شيشا ٽوڙِندا رهيا نقاب پوشن کي ڏسي رينجرز اهلڪار به ٻڏتر جو شڪار هئا ته هي پوليس اهلڪار آهن يا دهشتگرد نقاب پوش اهلڪار جيڪو ڪجهه ڪيو اها دهشتگردي نه آهي جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن هن ڏينهن هاءِ ڪورٽ پوليس کي گولي هلائڻ جو حڪم ڏي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها اوهان هي پهلو ناهي ڏٺو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پنهنجي سيڪيورٽِ آهي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ هڪ فول ٽائيم ڊي ايس پي شامل آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پوليس دهستگردن جي اطلاع تي 23 مئي تي ڪارروائي ڪئي هئي جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪارروائي جو حڪم ڪنهن جاري ڪيو آءِ جي يا گهرو سيڪريٽري فاروق ايڇ نائب عدالت کي ٻڌايو ته هي ڪارروائي صفوران ڳوٺ سانحي جي نموني ۾ ڪئي ويئي جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته آپريشن لاءِ پهريان رٿابندي ڪئي وڃي ٿي ڪنهن رٿابندي ڪئي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته 23 مئي تي پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حدن کان پري هئي جسٽس سجاد علي شاهه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اوهان کي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حدن جي ئي خبر نه آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته معذرت خواهه آهيان هاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حدون ڏسي پيو اچان جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته نقاب پوش اهلڪار ڪنهن مقرر ڪيا بنا اجازت اسنائپرز مقرر ڪيا ويا فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پوليس ملڪ لاءِ قرباني ڏيئي رهي آهي جسٽس سجاد علي شاهه جواب ۾ چيو ته پوليس جي قربانين کان انڪار نه آهي پر هن ڏينهن توهين عدالت ڪئي ويئي صحافين جي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين دليل ۾ چيو ته عدالتي ڪارروائي ۾ رنڊڪ جي حوالي سان فاروق نائڪ جي دليلن سان اتفاق نٿو ڪيان ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ عدالت کي اپيل ڪئي ته پوليس آفيسرن توهين عدالت ڪئي آهي ته کين هلڪي ڦلڪي سزا ڏيئي ڇڏيو سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ پوليس وارن کي عدالتي 100 رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو جنهن تي جسٽس سجاد علي شآهه چيو ته عدالتون 100، 100 رپيا نه پر 10، 10 رپين جي ڪيسن تي به سزائون ڏينديون آهن اسان سزا ڏني ته سمورا آڦيسر نوڪري تان هٿ ڌوئي ويهندا عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري ڪيس اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *