اسان حڪومتي معاملا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هتي ناهن ويٺا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ مانيٽرنگ بابت وفاق ۽ صوبن کي ٻن مهينن اندر نظام واضح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هو حڪومتي معاملا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هتي ناهن ويٺا. چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اين جي اوز جي رجسٽريشن، فنڊنگ ۽ مانيٽرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت چئني صوبن ۽ وفاق پاران اين جي اوز جي انگ اکرن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جو تعدا 6 هزار ڏيڍ سئو کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته 47 هزار چار سئو 3 اين جي اوز پنجاب ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ 2 هزار 7 سئو 56 اين جي اوز ۽ اسلام آباد ۾ 15 سئو غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته اين جي اوز جو انگ ڏينهون ڏينهون وڌي رهيو آهي، ان جي مانيٽرنگ ۽ رجسٽريشن وارن معاملن کي ڏسڻ وفاق جو ڪم آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هـُو هتي حڪومتي معاملا ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ناهن ويٺا.  ٻڌڻيءَ دوران لا اينڊ جسٽس ڪميشن عدالت کي استدعا ڪئي ته اين جي اوز جي رجسٽريشن، فنڊنگ ۽ مانيٽرنگ بابت کين مهلت ڏني وڃي. عدالت، لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي مهلت واري استدعا منظور ڪندي وفاق ۽ صوبن کي حڪم ڏنو ته اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ مانيٽرنگ بابت نظام واضح ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *