اسان جي تياري مڪمل آهي، ڏسجو ته ڇا ٿا ڪيون: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ اڳواڻ آصف زرداري چيو اهي ته جيڪڏهن حڪومت احتجاج جي اجازت نه ڏني ته گوڙ ڪنداسين پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي آصف زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن الله گهريو ته بي اعتمادي رٿ 100 سيڪڙو ڪامياب ٿيندي قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ ڇا ڪندا سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته پوءِ اوهان سان گڏجي گوڙ ڪنداسين غير جمهوري قوتن جي فائدي وٺن بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته ان لاءِ حڪمت عملي هڪ ئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ايترو شوق آهي ته رٿ سنڀالي وٺي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *