اسان جو ڪم فتويٰ ڏيڻ ناهي، حق جي ڳالهه ڪنداسين: سياسي جرڳو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ ۽ حڪومت وچ ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪندڙ سياسي جرڳي واضح ڪيو آهي ته اسان جو ڪم ڪنهن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ نه آهي حق جي ڳالهه ڪنداسين صرف مسئلي جو حل چاهيون ٿا ٽنهي ڌرين ڳالهين جي خواهش ڏيکاري اهي ته سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون افغانستان ۾ سياسي بحران حل ٿي سگهي ٿو ته اسان وٽ ڇو نٿو حل ٿي سگهي ٽئي پارٽيون ٿڌي دماغ سان معاملن تي غور ڪن پنهنجا رويا سياسي ۽ جمهوري بنائڻا پوندا اسپڪر قومي اسيمبلي تحريڪ انصاف جون استعيفائون جلد منظور نه ڪري خميس تي سياسي جرڳي جو اجلاس سينيٽر رحمان ملڪ جي گهر ۾ ٿيو جنهن ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون اجلاس کان پوءِ اڳواڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الهق چيو ته جرڳي ۾ مختلف پارٽين جا ماڻهو شامل آهن ۽ سڀني دوستن گڏجي هن مسئلي جو حل سوچيو آهي حڪومت تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ وچ ۾ ڊيڊ لاڪ سخت آهي اهو ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڪوششون ڪري رهيا آهيون اسان جو ڪم ڪنهن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ يا حق ۾ ڳالهه ڪرڻ نه آهي اسان مسئلي جو حل چاهيون ٿا هن چيو ته اسان معاملي کي قومي فرض طور نڀائيندا پيا اچون جرڳي جو ڪم ڊيڊ لاڪ کي ختم ڪرڻ آهي جيڪڏهن ٽنهي ڳالهين ۾ خواهش ظاهر ڪئي ته اسان سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون سراج الحق چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڳالهيون ڪري سياسي بحران حل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ هتي ڇو نه هن چيو ته هن وقت پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي آءِ ڊي پيز جو معاملو اڃا حل نه ٿيو هو ڪراچي ۾ هاڻي مسئلا پيدا ٿي ويا آهن هن چيو ته حالتن جي گهرج آهي ته ٽئي پارٽيون ٿڌي دماغ سان معاملن تي غور ڪن اسان کي پنهنجا رويا بهتر ۽ جمهوري ڪرڻا پوندا ۽ سياست جو انداز به تبديل ڪرڻو پوندو. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ آهي هن وقت ملڪ ڊپريشن ۾ آهي ٽنهي جماعتن وچ ۾ جيڪو ڊيڊ لاڪ آهي اسان درخواست ڪنداسين ته اهو ڊيڊ لاڪ ختم ڪري ڳالهيون جو رستو اختيار ڪيو وڃي هن چيو ته ڌرڻن جي ڪري ملڪ ۾ هر قسم جو نقصان ٿي رهيو آهي رستا بند آهن ماڻهو سخت پريشان آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *