اسان جهڪيا ناهيون پر ميان صاحب ميمو اسڪينڊل ياد ڪري: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته الزام تراشيون نواز شريف جي عادت آهي، اسان جهڪيا ناهيون پر ميان صاحب ميمو اسڪينڊل ياد ڪري. تفصيل موجب مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه نواز شريف جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته نواز شريف کي سينيٽ چونڊن کان پوءِ ڇانگا مانگا ياد اچي رهيو آهي پر هاڻ اُتي وڏيون وڏيون عمارتون بڻجي ويون آهن. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته اسان ڪنهن جي درٻار تي ناهيون جهڪيا،  اسان جي درٻار رڳو جمهوريت آهي، اسان جهڪيا ناهيون پر ميان صاحب ميمو اسڪينڊل ياد ڪري، ميان صاحب ماضي ۾ وڃي ته گهڻيون ئي ڳالهيون ياد اچي ويندس. هن چيو ته الزام تراشيون نواز شريف جي عادت آهي، لڳي ٿو ته نواز شريف عمران خان واري روش اختيار ڪري ورتي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اسان سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي، شيري رحمان کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي کيس ووٽ ڏينداسين، اسان وٽ 21 ۽ پي ٽي آءِ وٽ رڳو 12 ميمبر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *