اسان تي تنقيد ڪرڻ وارا اڄ پاڻ تي 500 ارب جو قرض وڌائي چڪا آهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته جڏهن به لوڊشيڊنگ يا چوري جي ڳالهه اچي ٿي ته ننڍن صوبن جي ڳالهه شروع ڪئي وڃي ٿي اسان بجلي چوري جا حامي نه آهيون سٺو آهي ايوان جي هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي ته جيئن خبر پوي ته ڪير ڪٿي چوري ڪري رهيو آهي ۽ لوڊشيڊنگ ڪيتري ٿي رهي آهي قومي اسيمبلي۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو تهس ڀني کي برابر حق حاصل آهن پر لوڊشيدنگ جي معاملي ۾ ايئن ڪيو پيو وڃي جيڪو چوري ڪري ان جي بجلي ڪٽيو ان کي گرفتار ڪيو هن مطالبو ڪيو ته هن هائوس جي هڪ ڪميٽي جوڙي وڇي جيڪا سنڌ ۽ پنجاب جي بجلي چوري جي ڀيٽ ڪري هاڻي هن راند کي ختم ٿيڻ گهرجي بس اهو ئي اپوزيشن جو مطالبو آهي هن چيو ته 2012 تائين ڪروڊ آئل جي قيمت 109 ڊالر في بيرل هئي ۽ بجلي جي قيمت 8 رپيا 11 پئسا في يونٽ هئي هن وقت به بجلي جي قيمتن کي وڌائڻ بدران ان کي روڪيو هن چيو ته اسان تي اعتراض ڪندڙ اڄ خود گردشي قرض 500 ارب کان وڌائي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *