اسان اڃا تائين مارشل لا جي ذهنيت ۾ پيا رهون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان اڃا تائين مارشل لا جي ذهنيت ۾ رهي رهيا آهيون ۽ هر ڳالهه تي آرڊيننس جاري ڪرڻا آهن ته جمهوريت ڪهڙي ڪم جي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ بار هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا هائوسنگ فائونڊيشن متاثرن کي رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ جيڪڏهن هائوسنگ فائونڊيشن متاثرن سان رقم جو معاملو طئي ڪري ڇڏي ته عدالت فيصلو ڪندي، ظاهري طور اصل معاملو 600 ڪنال جي رقم جو آهي. هائوسنگ فائونڊيشن جي وڪيل چيو ته حڪومت هائونسگ فائونڊيشن بابت جولاءِ ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آهي، اڳ ئي گهڻيون ادائيگيون ٿي چڪيون آهن، هاڻ ممڪن ناهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اسان اڃا تائين مارشل لاءِ جي ذهنيت ۾ رهي رهيا آهيون، جولاءِ ۾ اهو آرڊيننس آيو ۽ اسيمبلي ۾ ان تي بحث به نه ڪرايو ويو، جيڪڏهن هر ڳالهه تي آرڊيننس جاري ڪرڻو آهي ته پوءِ جمهوريت ڪهڙي ڪم جي آهي، اسيمبلي ۾ ڪنهن بل تي بحث ناهي ڪرايو ويندو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر امان الله ڪنراڻي چيو ته اسان هائونسگ فائونڊيشن کي رقم ادا ڪري چڪا آهيون، اسان جو معاملو آءِ 14 کان الڳ آهي، اسان جي معاملي کي ۽ ان معاملي کي عدالت ڌار ڌار ڏسي. عدالت ۾ ايف 14 بابت متاثرن ۽ هائوسنگ فائونڊيشن جا دليل مڪمل ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *