اسانجي وڪيل ثابت ڪري ڇڏيو ته عام چونڊن ۾ 35 نه 70 پنچر هنيا ويا: عمران خان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته 35 پنچرن جي دعويٰ جي پنهنجي بيان تي اڃا به قائم آهيان جڏهن ته جوڊيشل ڪميشن ۾ اسانکي خبر پئي ته عام چنڊن ۾ 35 نه پر 70 پنچر لڳايا ويا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جوڊيشل ڪميشن ۾ اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي جڏهن ته پنجاب ۾ رٽرننگ آفيسرن اليڪشن ڪرائي جنهن ذريعي ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ جوڊيشل ڪميشن ۾ اسانجي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊن ۾ 35 نه پر 70 پنچر لڳايا ويا. هن چيو ته اصل ڌانڌلي پنجاب ۾ ٿي جتي حڪومت نجم سيٺي کي نوازيندي 2 ڀيران چيئرمين پي سي بي بڻايو ملڪي تاريخ ۾ پهريو ن ڀيرو ڪميشن ڌانڌلي جا جانچ ڪري رهي آهي ۽ جوڊيشل ڪميشن جو جيڪو به فيصلو ايندو اُهو قبول هوندو جنهن سان ملڪ ۾ جمهوريت اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن انهيءَ لاءِ صوبي ۾ افراتفري آهي جڏهن ته آصف زرداري وزيراعظم نوازشريف جي ايما تي فوج خلاف بيان ڏنو جڏهن اُن کي پوئتي هٽندي ڏٺو ته دبئي وڃي ويهي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ جي اڳوڻي سربراهه ترديد ناهي ئي ته هو ايم ڪيو ايم کي پيسا ڏيندا هئا، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم منهنجي خلاف ڪيس ڪري سگهي ٿي ته بي بي سي خلاف به عدالت ۾ وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *