اسامه بن لادن ۽ ايمن الظواهري سان پڻ ملاقات ڪري چڪو آهيان:صفورا سانحي جي ماسٽر مائينڊ طاهر جو اعتراف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صفوران سانحي جي گرفتار ماسٽر مائينڊ طاهر انڪشاف ڪيو آهي ته هن 2010ع ۾ دهشتگردي لاءِ پنهنجو گروپ جوڙيو، جنهن ۾ شامل ميمبرن کي هر مهيني 25 هزار رپيا ڏيندو هو، جڏهن ته هو اساما بن لادن ۽ ايمن الظواهري سان پڻ ملاقات ڪري چڪو آهي. صفوران سانحي واري ڪيس ۾ گرفتار ماسٽر مائينڊ طاهر جاچ ٽيم آڏو اهم انڪشاف ڪيا آهن. طاهر جاچ ٽيم کي ٻڌايو آهي ته صفوران سانحي ۾ شهيد ٿيل 46 ڄڻن مان 19 کي هن پاڻ قتل ڪيو. سانحي جَي مک جوابدار موجب، 2007ع ۾ به هو گرفتار ٿيو هو، جنهن بعد 2010ع ۾ آزاد ٿيندَي ئي هن سڀ کان پهريون جاچ آفيسر منوج ڪمار کي قتل ڪيو. ذريعن موجب، طاهر جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته جيل مان آزادي بعد 2010ع ۾ دهشتگردي لاءِ هن پنهنجو گروپ جوڙيو، جنهن ۾ شامل ميمبرن کي هو هر مهيني 20 کان 25 هزار رپيا ڏيندو هو. هـُن چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ سياسي جماعت جَي ڪارڪن کي به قتل ڪيو، جڏهن ته 2012ع ۾ هو ڪراچي اندر بئنڪ ڌاڙين ۾ به ملوث رهيو آهي. صفوران سانحي جي ماسٽر مائينڊ چيو ته هنن رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر باسط کي به قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. ذريعن موجب، طاهر جاچ ٽيم کي اهو به ٻڌايو ته هو 1999ع ۾ جهاد لاءِ افغانستان ويو هو، جنهن دوران هن جي القاعده جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن ۽ ايمن الظواهري سان ملاقات پڻ ٿي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *