”اساما بن لادن جيئرو آهي“ ايڊورڊ سنوڊن نئين دعويٰ ڪري دنيا ۾  ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ماسڪو(م.ڊ) گذريل ڳچ عرصي کان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ آمريڪي سي آئي اي جي اڳوڻي اهلڪار ايڊورڊ سنوڊن هاڻ هڪ نئون انڪشاف ڪري سڄي دنيا ۾ وري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، هن دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده سربراهه اساما بن لادن جيئرو آهي، روسي اخبار کي انٽرويو ڏيندي ايڊورڊ سنوڊن چيو ته اساما بن لادن مئو ناهي پر جيئرو آهي ۽ هن هڪ وقت هو سي آئي اي جو پگهاردار آهي، کيس هر مهيني هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ پگهار ڏني پئي وڃي. هن ٻڌايو ته هو اهو ته نه ٿو ٻڌائي سگهي ته اساما هن وقت ڪٿي آهي پر 2013ع ۾ هو اقيانونس سمنڊ جي بهاماز ٻيٽ تي هڪ گهر ۾ پنهنجي 5 گهروارين ۽ ڪيترن ئي ٻارن سان گڏ ترسيل هو. سنوڊن جو چوڻ هو ته سي آئي اي طرفان پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ اساما بن لادن کي مارڻ جو ڊرامو ڪيو ويو، اصل ۾ کيس اتان پنهنجي گهرڀاتين سوڌو بهاماز ٻيٽ تي نيو ويو ۽ ان حوالي سان وٽس پڪا ثبوت موجود آهن، ان معاملي تي هو ڪتاب به لکندو، اڳوڻي سي آئي اي اهلڪار چيو ته هر ماڻهو کي بس اها ئي خبر آهي ته اساما بن لادن کي ماريو ويو هو پر ان کي ڪنهن به نه ڏٺو، اهڙي ماڻهو جي ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ ڪپڙا مٽائي لڪائڻ سولو هوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *