اساما آپريشن کان چار سال اڳ پاڪستان وٽ هو، حڪومت سي آءِ اي کان آپريشن ڪرائي مارائي ڇڏيو: آمريڪي صحافي

واشنگٽن(م.ڊ) آمريڪا جي مشهور تحقيقي صحافي سيمورس هرش هڪ ڀيرو وري چيو آهي ته القاعده جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن تائين پهچڻ ۾ پاڪستان مدد ڪئي. پولٽنزر پرائز کٽيندڙ  سيمورس هرش چيو آهي ته گذريل سال جڏهن هُن اسامه بن لادن جي ايبٽ آباد واري گھر ۽ مارجڻ بابت ثبوت ڏٺا ته مونکي پنهنجي دعويٰ سچي لڳي. هُن پنهنجي دعويٰ تي ڄمڻ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اسامه بن لادن کي 2006 ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ سعودي عرب جي مدد سان ڪيترائي سال قيد رهيو. بعد ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ معاهدو ٿيو ته آمريڪا اسامه ڪمپائونڊ ۾ ڪارروائي ڪندو پر ظاهري طور اهو ڏيکاريو ويندو ته پاڪستان کي ان جي ڪا خبر ناهي. هن چيو ته مون کي ان حوالي سان وڌيڪ ثبوت مليا آهن. سيمور هرش جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت جي ڪري پاڪستان لاڳيتو الرٽ آهي، ان جا ريڊار هر طرح جي چرپر تي نظر رکيو اچن، جڏهن ته ان جا ايف_16 جهاز به ڪنهن قسم جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا لاءِ ممڪن ئي نه هو ته اهو بنا اجازت جي پاڪستان ۾ داخل ٿي سگھي. هن چيو ته آمريڪا سان اهو معاهدو ان وقت جي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه ڪيو، جنهن ٻين پاڪستاني جرنيلن کي پريشان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *