ارسا معاهدي موجب سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام رهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارسا 1991ع جي پاڻي معاهدي موجب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. جنهن سبب سنڌ جا هاري ۽ آبادگار پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ڪيترائي ڀيرا وفاقي حڪومت سان معاملو اٿاريو پر صورتحال بهتر ناهي ٿي. صوبائي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي پاڻي جي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ کي ان جو جائز حصو ملي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *