ارسا سي جي لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) ارسا سنڌ جي سخت احتجاج باوجود چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ارسا پاران سنڌ جي اعتراضن واري خط جو اڄ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ارسا جو اجلاس چيئرمين رقيب خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي نمائندي مظهر علي شاهه تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ جو معاملو اٿاريو. اجلاس ۾ چيئرمين رقيب خان ۽ سنڌ جي نمائندي مظفر علي شاهه وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، سنڌ جي نمائندي مظهر علي شاهه سي جي ڪئنال کولڻ تي سخت احتجاج ڪيو. ارسا چيئرمين رقيب خان جو چوڻ آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال کولڻ تي سنڌ جا اعتراض اجايا آهن، ٻنهي ڪئنالن کي بند نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي نمائندي پاران سي جي ڪئنال کولڻ جي حمايت ڪئي وئي، جڏهن ته بلوچستان جو نمائندو غيرجانبدار رهيو. ارسا پاران سي جي ڪئنال کولڻ تي اعتراضن بابت سنڌ حڪومت جي لکيل خط جو اڄ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *