ارسا جي دعوائن باوجود سنڌ کي پاڻي نھ مليو، گڊو 65، سکر  35 ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 60 سيڪڙوکوٽ برقرار

حيدرآباد (بيورو/اين اين آءِ) درياهي وهڪرن ۾ واڌ واري ارسا جي دعويٰ باوجود سنڌ کي پاڻي نه مليو، گڊو بئراج وٽ 65، سکر بئراج وٽ 35 ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 60 سيڪڙوکوٽ برقرار، سنڌ جي آبپاشي وزير ارسا جي پڌرائي کي کِل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ جي بئراجز کي اڃا تائين پاڻي نه مليو، سنڌ ۾ پاڻي پهچڻ بعد ارسا جي دعوائن کي صحيح مڃيو ويندو، 91ع جي معاهدي تحت پاڻي ملندو ۽ سڀ هڪجيتري کوٽ برداشت ڪندا ته ڪنهن کي به شڪايت نه هوندي، پنجاب ۾ پاڻي جي نگراني لاءِ انسپيڪٽرز مقرر ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت ٽيلي ميٽري سسٽم تي به اعتراض ناهي ڪيو، حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران سهيل انور سيال چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ ۾ طاقتور کي پاڻي ملي ٿو، ٽنڊو الهيار ۾ ٻين آبادگارن جون زمينون بنجر ڪري فريال ٽالپر جي زمين کي پاڻي ڏيڻ واري وائرل ٿيل وڊيو ڪوڙي آهي، وڊيو وائرل ڪندڙ وڪيل خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، رائيس ڪئنال تي بلاول ڀٽو زرداري جي زمين تي آهي، اُهو ڪئنال به بند آهي، دادو ڪئنال منهنجي، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلاول ڀٽو جون زمينون آهن، اُتي به 2 ڏينهن اڳ تائين زرعي مقصدن لاءِ پاڻي نه ڏنو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *