
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور سينيئر اداڪار سنيل شيٺي جي ڌيءُ اداڪارا اٿيا شيٺي سان افيئرواريون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ ارجن ڪپور چيو ته اٿيا سان سندس اهڙا ڪي به لاڳاپا آهن، جن جو ذڪر ڪيو پيو وڃي، اهڙيون خبرون بي بنياد، من گهڙت ۽ ڪوڙيون آهن، هن چيو ته اهڙين اجائي ڳالهين سان ٻن ماڻهن جي دل آزاري ٿئي ٿي، جڏهن ته حقيقت ۾ ان جو پري پري تائين ڪو پيرو ئي ناهي هوندو، هن چيو ته اٿيا شيٺي سندس ڀيڻ جي سهيلي آهي ۽ ان حوالي سان ساڻس منهنجي ٿوري گهڻي ڄاڻ سڃاڻ آهي، جنهن کي ماڻهو وڌائي پيش ڪن ٿا، ارجن ڪپور چيو ته اهڙيون بي بنياد ڳالهيون منهنجي ۽ اٿيا جي والدين توڙي ڪيريئر تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿيون.001