اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت واري ڪيس ۾ نيب چيئرمين کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب اربين رپين جي ڪيسز ۾ هٿ نٿو وجهي، ننڍيون ريڪوريون ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته وڏو تير هنيو آهي. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت منظور ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته سڀ ڪجهه نيب جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي،پر پوءِ به ڪجهه نٿو ڪيو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن جو تصور آهي ته ڪرپشن ختم ٿيندي پر نيب اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي نٿو پڪڙي، ننڍيون ريڪوريون ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته وڏو تير هنيو. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته 50 اهڙا ڪيس آهن، جيڪي اربين رپين جا آهن پر انهن ۾ به پسند وارو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ حڪومت کي ڪجهه نظر نٿي اچي. سپريم ڪورٽ، ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار شيخ منير جي ضمانت رد ڪندي نيب چيئرمين کي سڀاڻي کي پيش ٿيڻ جوحڪم ڏنوآهي.