اداڪار شاهد ڪپور جي نئين فلم ”رنگون“ جي شوٽنگ ڊسمبر ۾ شروع ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور چيو آهي ته سندس نئين فلم ”رنگون“ جي شوٽنگ ڊسمبر فلم جي هدايت وشال ڀردواج ڏئي رهيو آهي جڏهن ته پروڊيوس ساجد ناڊيوالا ڪندو. شاهد ڪپور چيو ته وشال ڀردواج پنهنجن فلمن ۾ مون کي سٺا ڪردار ڏنا آهن ۽ آئون سندس ٿورائتو آهيان. هن چيو ته هدايتڪار مون کي نئين فلم لاءِ ڏاڙهي وڌائڻ جو چيو آهي. اداڪار چيو ته هو سندس هدايتن مطابق ڪم ڪندو آهي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ ڊسمبر ۾ شروع ٿي ويندي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ڪنگنا رناوت ۽ سيف علي خان پڻ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *