اداڪار سيتارام ڪينسر سان وڙهندي زندگي جي جنگ هاري ويٺو

نئي دهلي (شوبز نيوز) فلمن ۾ معاون ڪردار نڀائڻ وارو اداڪار سيتارام پنچل ڪينسر سان جنگ وڙهندي وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، سيتارام پنچل گذريل ٽن سالن کان ڪينسر جھڙي موذي مرض جو شڪار هو، سيتار ام باليووڊ ۾ 1994 ۾ بنڊٽ ڪوئين جي ذريعي قدم رکيو. ان جون قابل ذڪر فلمون جولي ايل ايل بي، پيپلي لائيو، سلم ڊاگ ملينيئر، دي ليجنڊ آف ڀڳت سنگھه ۽ پان سنگھه ٽو مر شامل آهن. سيتارام گھڻو هلڪن ڦلڪن ڪردارن ۾ نظر ايندو هو ۽ هو ڪافي پريشانين جو شڪار هو ان جي لاءِ فيس بڪ جي ذريعي امداد جي لاءِ اپيل ڪئي هئي جنهن تي ان جي ڪنهن به اداڪار مدد نه ڪئي ڊاڪٽرن جي مطابق سيتارام پنچل ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *