اداڪاره ڪيٽ ونسليٽ 40 سالن جي ٿي وئي

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره ۽ آسڪر ايوارڊ يافته ڪيٽ ونسليٽ 40 ورهين جي ٿي وئي آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ڪيٽ ونسليٽ 5 آڪٽوبر 1975ع جي برطانيا جي علائقي بروڪ شائر ۾ پيدا ٿي ۽ کيسننڍي هوندي کان ئي ڊرامي ۽ پرفارمنگ آرٽس سان خاص لڳاءُ هو. هن پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات 1991ع ۾ ڪئي، پر کيس اصل شهرت 1997ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ٽائيٽينڪ“ کان ملي. ڪيٽ ونسليٽ کي 6 ڀيرا اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيندڙ گهٽ ڄمار واري اداڪاره هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. هن فلمي دنيا جو سڀ کان وڏو آسڪر ايوارڊ 2009ع ۾ فلم ”ريڊر“ ۾ شاندار اداڪاري تي حاصل ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *