اداڪاره ڪنگا رناوت نئين فلم ۾ 85 سالن جي پوڙهي عورت جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگا رناوت فلمساز شيکر ڪپور جي فلم ۾ پوڙهي عورت جو ڪردار ادا ڪندي. ڪنگا چيو ته شيکر طرفان 85 سالن جي پوڙهي عورت جي ڪردار جي پيشڪش ٿي آهي. 28 سالن جي ڪنگنا جو چوڻ اهي ته اهو منهنجي لاءِ هڪ چئلينج ڪردار آهي. اداڪاره وضاحت ڪئي ته شيکر جي فلم ”پاني“ ۾ اهو ڪردار ادا ناهي ڪري رهي هي بلڪ اهو ڪردار ان جي ايندڙ فلم لاءِ هوندو. ڪنگنا چيو ته فلمن ۾ پوڙهي عورت جو ڪردار ڪرڻجي باري ۾ ان جو نظريو فلم ”امور“ ڏسڻ کانپوءِ بدلجي ويو هو، هاڻي هوءَ فلمن ۾ ماءُ جو ڪردار ڪرڻ لاءِ به تيار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *