
لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا نور ولي حامد علي خان سان شادي ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو نالو بدلائي نور ولي رکي ڇڏيو آهي، اداڪارا نور سوشل ميڊيا تي پنهنجو نالو نور ولي پوسٽ ڪيو آهي، ولي حامد علي خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي شادي پهريان ئي ٿي چُڪي هئي پر اسان پنهنجي فلم ”عشق پازيٽو“ جي رليز جي ڪري اها ظاهر نه پي ڪئي، پر اسان مناسب وقت جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.