اداڪاره  ميرا  اڳوڻي دوست ڪيپٽن نويد سان آمريڪا ۾ گڏ ڏٺي وئي

نيويارڪ (ع آ نيوز)پاڪستاني فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي  اداڪاره  ميرا  اڳوڻي دوست ڪيپٽن نويد سان آمريڪا ۾ گڏ ڏٺي وئي، ميرا جو چوڻ هو ته سندس نويد سان ڪو جهيڙو ته نه هو،  ميرا ڪيپٽن نويد سان نيويارڪ جي مختلف جاين ۽ عوامي جڳهن جا دورا ڪندي پڻ ڏٺو ويو ۽ ميڊيائي ذريعن جو چوڻ هو ته ڪيپٽن نويد ۽ ميرا گڏجي شاپنگ به ڪئي، ميرا موجب هو هڪ فلم جي شوٽنگ لاءِ آمريڪا آئي آهي ۽ فلم ۾ ڪيپٽن نويد جو ڀاءُ مرڪزي ڪردار ۾ هوندو، ميرا کان ڪيپٽن نويد سان شادي بابت پڇيل سوال ۾ هن چيو ته ان بابت اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪيپٽن نويد ميرا سان ناتا ٽوڙي ڇڏيا هئا، جنهن بعد ميرا پنهنجي شادي بابت تمام گهڻو پريشان هئي ۽ هر پريس ڪانفرنس ۾ شاديءَ لاءِ دعائون پڻ گهرائيندي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *