اداڪاره شروتي هاسن جي ٽوئيٽر تي مداحن جو تعداد 30 لک ٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شروتي هاسن جي ٽوئيٽر تي مداحن جو تعداد 30 لک ٿي ويو. ان ڳالهه جو انڪشاف 29 سالن جي اداڪاره ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته ان پيار لاءِ هوءَ مداحن جي ٿورائتي آهي. اداڪاره سماجي ويب سائيٽ تي پنهنجي مداحن سان رابطي ۾ رهندي آهي. پنهنجي فلمي سرگرمين جي معلومات پڻ شيئر ڪندي آهي. واضح رهي ته شروتي هاسن ليجنڊ اداڪار ڪمال هاسن جي ڌيءُ آهي ۽ هوءَ ڪيترن ئي تامل فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. اداڪاره تازو ئي رليز ٿيل فلم ”ويلڪم بيڪ“ ۾ ناظرين کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *