اداڪاره سني ليون فلم ”مستي زادي“ ۾ پهريون ڀيرو ڊبل رول ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سني ليون چيوآهي ته ڀارت ۾ مون کي بيباڪ اداڪار طور ڏٺو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ مان هڪ احمق آهيان ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سني ليون جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”مستي زادي“ ۾ پهريون ڀيرو ڊبل رول ادا ڪري رهي آهي هن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نئين ايندڙ فلم ۾ خوبرو ليليٰ ۽ احمق ليليٰ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي سني ليون جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ کيس هڪ بي باڪ اداڪاره طور ڏٺو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ هي احمقاڻو عمل آهي. ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مستي زادي ۾ ليليٰ جو ڪردار ان جي شخصيت سان ملندڙ جلندڙ ۽ دل جي گهڻو قريب آهي واضح رهي ته بالي ووڊ جي بي باڪ اداڪاره سني ليون جي فلم کي هلندڙ سال مئي ۾ رليز ٿيڻو هو جڏهن ته سينسر بورڊ کان اجازت نه ملڻ کان پوءِ پهريان ان جي رليز جي تاريخ 13 آگسٽ نڪري ويئي ۽ هاڻي فلم ڊسمبر ۾ سئنيما گهرن جي زينت بڻجڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *