اداڪاره سني ليون اسڪرپٽ رائيٽنگ ۽ ايڊيٽنگ سکڻ لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏي

لاس اينجلس  (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ بهادري وارا منظر عڪسبندي ڪرڻ جي حوالي سان شهرت رکندڙ اداڪاره سني ليون اسڪرپٽ رائيٽنگ ۽ ايڊيٽنگ سکڻ لاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڇڏي، اداڪاره سني ليون تازن ڏينهن ۾ فلمي دنيا کان پري آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ موڪلون گذاري رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي مداحن کي سير تفريح جون تصويرون شيئر ڪري پنهنجي مصروفتين کان آگاهه ڪندي رهي ٿي پر ان سان گڏ هاڻ سني ليون پاران ايندڙ نئين خبر سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، سني ليون لاس ايجلس جي اسڪول ۾ داخلا ورتي آهي، هن جو چوڻ هو ته مان ان ڪورس لاءِ ڪافي اڳ سوچيو هو پر فلمي مصروفتين سبب نه ڪري سگهيس پر هاڻ نيون شيون سکڻ لاءِ ٻيهر اسڪول وڃڻ تي ڪافي نروس آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *