اداڪاره سميتا پاٽيل سان تمام گهڻو لڳاءُ هيو، هوءَ هڪ الڳ قسم جي اداڪاره هئي: اميتاڀ بچن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن چيو آهي ته اداڪاره سميتا پاٽيل سان تمام گهڻو لڳاءُ هو ڇو ته هوءَ هڪ الڳ قسم جي اداڪاري هئي. هن چيو ته ساڻس فلمايل ڪجهه منظرن تي شرمندگي محسوس ٿيندي هئي، ڇو ته هوءَ سمجهندي هئي ته هن جو معيار ان قسم جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو نه هو. ممبئي ۾ اداڪاره سميتا پاٽيل جي لکيل ڪتاب جي رونمائي جي موقعي تي اميتاڀ بچن چيو ته فلم ”نمڪ حرام“ ڪرڻ کانپوءِ افسوس جو اظهار ڪيو هو ڇو ته ان فلم ۾ برسات ۾ ڊانس ڪرڻي پئي هئي. هن چيو ته مون کي افسوس ٿيندو جڏهن ماڻهو ان ڊانس جي حوالي سان ياد ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *