
لاهور(شوبز نيوز)پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره روبنيه اشرف ڪورونا وائرس کان مڪمل ٺيڪ ٿيڻ بعد هاڻ پنهنجي گهر واپس اچي وئي.روبينه اشرف جي ڌيءَ مني طارق پنهنجي انسٽاگرام /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01
اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي والده کي گهر اچڻ جي خوشي ۾ گهر کي سينگاريو هو.مني طارق پنهنجي والده سان گڏ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته هي سڀ ان جي مسڪراهٽ لاءِ جنهن جي باري ۾ مون اهو سوچيو هو ته شايد آئون هن کي ڪڏهن به نه ڏسي سگهنديس ۽ انهن هٿن لاءِ جن جي باري ۾، مون سوچيو ته آئون انهن کي ڪڏهن به نه چمي سگهنديس.مني طارق پنهنجي والده سان تصوير جي ڪيپشن ۾ وڌيڪ لکيو ته منهنجي والده جيڪا هڪ مهيني تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا رهي، اڄ اها ٺيڪ ٿي ٻيهر اسان جي وچ ۾ موجود آهي.