اداڪاره ثنا ٻارن کي پاڪ فوج يا سول سروسز ۾ موڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

 

لاهور(شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره ثنا چيو آهي ته انسان جون خواهشون سموري زندگي ختم نٿيون ٿي سگهن. سمورو ڌيان پنهنجي ٻارن جي تربيت ۾ رڌل آهي.ميڊيا رپورٽ موجب  پاڪستاني اداڪاره ثنا  پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي باري ۾ چيو آهي ته هو  پنهنجي مستقبل جي باري ۾ جنهن شعبي ۾ وڃڻ چاهين مان انهن کي سپورٽ ڪندس. ثنا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مان چاهيان ٿي ته منهنجا ٻار باعزت شهري بڻجن.اداڪاره وڌيڪ چيو ته مون کي ٻارن جي شوبز ۾ اچڻ تي اعتراض نه هوندو. پر مان چاهيان ٿي ته هو پاڪ فوج يا سول سروس  مان ڪنهن هڪ شعبي جي چونڊ ڪن  پر مان انهن مٿان پنهنجي  مرضي نه هلائيندس. انهن جي مرضي آهي  جنهن ڊپارٽمينٽ ۾ چاهين اتي جي چونڊ ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *