اداڪاره آٿيه شيٽي ڪرن جوهر جو ڌيان حاصل ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) پهرين ئي فلم سان بالي ووڊ ۾ قدم رکندڙ اداڪاره آٿيه شيٽي ڪرن جوهر جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرائي ورتو فلمساز کيس نئين فلم جي هيروئن بڻائي رهيا آهن سلمان خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم هيرو ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا سنيل سيٽي جي ڌيءَ آٿيه شيٽي هيرو ۾ ان جو هيرو ٿيو سورج پنچولي ۽ ٻنهي پهرين ئي فلم ذريعي صرف پرستارن ئي نه پر وڏن فلمسازن جو توجهه حاصل ڪري ورتو آهي هي فلم ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بهترين بزنس ڪيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪرن جوهر جون نظرون به هيرو جي نئين هيروئن تي آهي ميڊيا رپورٽ مطابق آٿيه سيٽي کي ڪرن جوهر پنهنجي نئين فلم ۾ ڪاسٽ ڪري رهيو آهي جنهن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *